علي بابا

علي بابا

علي بابا

علي بابا: مشھور ڪھاڻيڪار، ڊرامانگار ۽ ليکڪ علي بابا جو پورو نالو علي محمد ولد محمد رمضان رند بلوچ آهي. سندس جنم 1945ع ڌاري نانگو لائين، ڪوٽڙي، ضلعي ڄام شوري ۾ ٿيو. سندس وڏا اوڻيھين صديءَ ۾، بلوچستان مان لڏي اچي سيوھڻ ۾ آباد ٿيا. سندس والد ريلوي ۾ شنٽنگ پائلٽ ھو، جيڪو بعد ۾ ڪوٽڙي ۾ اچي رهيو. ھن پرائمري تعليم نانگو لائين ميونسپل اسڪول، ڪـوٽـڙيءَ مـان حـاصـل ڪـئـي. وڌيڪ تعـليـم لاءِ گورنمينٽ شيردل خان ميونسپل ھاءِ اسڪول، ڪوٽڙيءَ ۾ داخل ٿيو. مئٽرڪ جي امتحان دوران ڪنھن تڪرار سبب کيس امتحان ھال مان ڪڍيو ويو، جنھن بعد ھن پڙهڻ ڇڏي ڏنو. ڪجهه عرصي بعد ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو، جتي ستن سالن تائين ڪم ڪيو. تنھن کان پوءِ ٽيڪسٽائيل مِل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور ڪم ڪيو. 1965ع ڌاري اها نوڪري به ڇڏي ڏني. ادب ۾ کيس لکڻ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو. سندس پھرين ڪھاڻي 1964ع ڌاري ٽه ماهي ‘مھراڻ’ ۾ ‘اسين ماڻهو’ جي نالي سان شايع ٿي. سندس ٻيون شروعاتي ڪھاڻيون شمشيرالحيدري ماھوار ‘نئين زندگي ’ رسالي ۾ ڇپيون. ھن لڳ ڀڳ ٽن سوَن کان وڌيڪ ڪھاڻيون، ٽيلي ڊراما، ريڊيي لاءِ ڊراما ۽ گيتن ڀريون ڪھاڻيون لکيون. ڪجهھ فلم اسٽوريون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيا. ھڪ سئو کان وڌيڪ ٽي وي ڊراما ۽ سيريل لکيا، جن مان ھڪ ڊرامي ‘دنگيءَ منجهھ درياءُ’ کي 1976ع ۾ ميونخ جي عالمي ميلي ۾ ٽيون نمبر بھترين ڊرامو قرار ڏيئي ‘ايوارڊ’ ڏنو ويو. انهيءَ ميلي ۾ دنيا جي 79 ملڪن حصو ورتو. سندس ٻين مشھور ڊرامن ۾: ٻاليشاھي، ڪارونجهر جو قيدي، رڃ جا راهي، موکي متارا، مومل راڻو، ھوشو شيدي، رقص حيات وغيره قابل ذڪر آھن. سندس ڪھاڻين جي مجموعن ۾ ‘ڌرتيءَ ڌڪاڻا’ (1983ع)، ‘آيل ڙي اولاڻا’ (1984ع) ۽ ‘منھنجون ڪھاڻيون’ (ڀاڱو پھريون: 1990ع) شامل آهن. سندس ناول ‘موھن جو دڙو’ (حصو پھريون: 1985ع) شايع ٿيو. ان کان اڳ اهو ناول پھرين ماھوار ‘روح رھاڻ’ ۽ پوءِ ‘نئين زندگي ’ ۾ قسطوار شايع ٿيو. ان کان سواءِ ٻارن لاءِ لکيل سندس ھڪ ناول ‘سنڌباد جو سفر’ (1993ع) به ڇپيو. کيس ادبي خدمتن تي ڪيترائي ايوارڊ مليا، جن ۾ ڪتاب ‘ڌرتي ڌڪاڻا’ تي سگا طرفان اوارڊ ۽ هڪ ھزار روپيا روڪ انعام، سنڌالاجي ڄام شوري طرفان ‘بھترين ڪھاڻيڪار ايوارڊ’، شاھھ لطيف ڊرامئيٽڪ سوسائٽيءَ پاران ‘گـولـڊ ميڊل’، پاڪسـتان حڪـومت طـرفان ‘صدارتي ايوارڊ’ (تمغهء حسن ڪارڪردگي) ۽ سـارنگا رسالي طرفان اوارڊ قابل ذڪر آھن. هن 08 آگسٽ 2016ع تي ڪوٽڙي ۾ وفات ڪئي. کيس ڪوٽڙيءَ جي نانگو لائين قبرستان ۾ دفنايو ويو. مشھور اديب پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق سميجي سندس ڪھاڻين کي ‘جنم ڀومي شمشان ڀومي’ جي نالي سان ترتيب ڏيئي، روشني پبليڪيشن طرفان 2017ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.


لفظ علي باباھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو